اسد چاچڙ

اسد چاچڙ

اسد چاچڙ

اسد چاچڙ: نوجوان شاعر، نثر نگار اسدالله ولد محمد پريل چاچڙ 10 اپريل 1978ع تي پني عاقل ۾ جنم ورتو، زرعي يونيورسٽيءَ ٽنڊي ڄام مان ايم.ايس. سي ڪيائين ۽ 2003 کان 2005ع تائين اتان جي سنڌي ادبي سنگت شاخ جو سيڪريٽري پڻ رهيو. جڏهن ته س. ا. س پني عاقل شاخ ۾ 1997ع کان وٺي اڄ تائين مختلف عهدن تي رهيو آهي. ۽ شاعري سان گڏ مضمون ۽ ڪالم به لکيائين جن جو وڏو تعداد مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيل اٿس. 2003ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي سائن بورڊ ڪاميٽيءَ جو ميمبر پڻ رهيو. شاهه لطيف فائونڊيشن تعلقي پني عاقل جو سيڪريٽري جنرل، لڌا رام يادگار ڪاميٽي پنوعاقل جو ميمبر ۽ سرهاڻ فورم، پنوعاقل جو چيئرمين پڻ آهي. سماجي ڪمن ۾ پڻ سرگرم آهي. مختلف تنظيمن ۽ رسالن طرفان سرٽيفڪيٽ مليل اٿس. سندس مقالن ۽ خاڪن تي مشتمل ڪتاب ”سڄڻ ماکيءَ ميٺ“ ۽ شاعريءَ جو ڪتاب ”بيت بسنتي باک“ ڇپجي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو